اسلام آبادپاڪستان

سرڪاري ادارن جي نالي نجي هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ تي پابندي

اسلام آباد:سرڪاري ادارن جي نالي تي نجي هائوسنگ سوسائٽيون جوڙڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اسلام آباد جي انتظاميا طرفان سرڪاري ادارن جي نالي تي نجي هائوسنگ سوسائٽيون جوڙڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. ڪيپيٽل ڊولمنيٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي چيئرمين طرفان اهڙيون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. هاڻي گادي واري شهر ۾ ادارن جي نالي تي نجي سوسائٽيون ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته سرڪاري ادارن جا نالا استعمال ڪري اڳ ۾ ٺاهيل نجي هائوسنگ سوسائٽين جا نالا تبديل ڪرڻا پوندا. چيئرمين عامر احمد جو چوڻ آهي ته سرڪاري ادارن جي نالي تي سوسائٽين سان اهو تاثر وڃڻ جو انديشو آهي ته اهي سرڪاري هائوسنگ سوسائيٽيون آهن. رجسٽرار ٽن هفتن ۾ نالا تبديل ڪرڻ لا هائوسنگ سوسائٽين کي نوٽيس جاري ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button