اسلام آبادپاڪستان

ٽيڪس گذارن جي سمورن مسئلن کي ترت حل ڪيو وڃي:چيئرمين ايف بي آر

اسلام آباد: چيئرمين ايف بي آر ڊاڪٽر اشفاق احمد چيو آهي ته ٽيڪس ڏيندڙن جي مسئلن کي ترت حل کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي وزيراعظم جي هدايتن تي ايف بي آر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد ۾ باقاعدگي سان ٿيندڙ کليل ڪچهري ۾ شهرين جي شڪايتن ٻڌڻ دوران ڪئي. چيئرمين ايف بي آر کليل ڪچهري ذريعي ٽيڪس ڏيندڙن جون آن لائين شڪايتون به ٻڌيون، جن ڪالز ڪري سڌي ريت چيئرمين ايف بي آر کي پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪيو. چيئرمين ايف بي آر ٽيڪس گذارن کي خاطري ڪرائي ته سندن مسئلن جي فوري حل لاءِ ايف بي آر هر ممڪن قدم کڻي رهيو آهي. هن شڪايتن جي تدارڪ لاءِ فوري هدايتون پڻ جاري ڪيون. چيئرمين ايف بي آر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به قسم جي شڪايت جي صورت ۾ ٽيڪس گذار پنهنجي ويجهي ريجنل ٽيڪس آفيس ۽ ڪسٽم ڪليڪٽوريٽ سان رجوع ڪن. چيئرمين ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن طرفان پيش ڪيل تجويزن جي به آجيان ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سندن تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو. چيئرمين ايف بي آر سمورين فيلڊ آفيسن کي خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ته عورتن ۽ پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. چيئرمين ايف بي آر سمورين فيلڊ آفيسن کي هدايتون جاري ڪيون ته ٽيڪس گذارن جي سمورن مسئلن کي ترت حل ڪيو وڃي ۽ واضح ڪيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button