اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس وڌيڪ 8 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد :ڪرونا وائرس وڌيڪ 8 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. هڪ ڏينهن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 594 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 10 هزار 184 ٿي ويو آهي. مريضن جو گڏيل انگ 12 لک 96 هزار 527 ٿي ويو آهي. هڪ ڏينهن دوران ڪرونا جا وڌيڪ 594 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ڪرونا مان متاثر 637 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويلن جو انگ 28 هزار 941 تائين پهچي ويو آهي. 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 207 مريض صحتياب ٿيا، جنهن کان پوءِ گڏيل انگ 12 لک 57 هزار 24 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب سموري ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 45 هزار 585 ڪرونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ 4 لک 82 هزار 411 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button