پاڪستانسنڌ

ٽنڊو سومرو ۾ 2 معصوم ڀائرن کي ڪتي ڏاڙهي وڌو، وئڪسين نه ملي

عثمان شاهھ ھڙي: ٽنڊو سومرو ۾ ٻن معصوم ڀائرن کي رولو ڪتي ڏاڙهي ڇڏيو، ٽنڊوالهيار اسپتال مان وارثن کي وئڪسين نه ملي، پورهيت چندو ڪري زخمي پٽن کي وئڪسين لا حيدرآباد کڻي ويو. رپورٽ موجب يوسي ٽنڊو سومرو جي جوڳي ڪالوني ۾ رولو ڪتي ٻن ڀائرن پورهيت ڏيالو ڀيل جي ٻن پٽن 15 ورهين جي کيمون ۽ 7 سالن جي ريجو ڀيل کي ڏاڙھي سخت زخمي ڪري وڌو، زخمي ڀائرن کي مائٽن سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتي وئڪسين نه هجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. متاثر ٻارن جي پي پورهيت ڏيالو ڀيل چيو ته ٻار گهر ٻاهران راند ڪري رهيا هئا ته اوچتو رولو ڪتي ٻارن تي حملو ڪري کين ڏاڙھي ڇڏيو، ٻارن جون رڙيون ٻڌي پهتاسين، زخمي پٽن کي فوري اسپتال کڻائي وياسين، پر ڪروڙن جا فنڊ هجڻ باوجود سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ اسان مسڪينن لا وئڪسين نه هئي، ڊاڪٽر چيو ته حيدرآباد وڃو، آئون پورهيت آھيان، پورهيو ڪري ٻارن جو پيٽ پالي رهيو آھيان، حيدرآباد وڃڻ لا خرچ ناهي. هن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ته ٻارن کي سرڪاري خرچ تي وئڪسين ڪرائي وڃي ۽ ڪتا مار مهم هلائي علائقي مان رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽايو وڃي. ٻئي پاسي پورهيت چندو ڪرڻ بعد زخمي پٽن کي وئڪسين لا حيدرآباد کڻي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button