پاڪستانسنڌ

وفا سنڌي معاشري ۾ انقلاب جو ٻج پوکيو:وشنو مل

شاهپور چاڪر: وفا سنڌي معاشري ۾ انقلاب جو ٻج پوکي ان جي آبياري ڪئي. عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر وشنو مل شاهپور چاڪر ۾ عوامي جمهوري پارٽي پاران سينيئر صحافي، قومي ڪارڪن ۽ عوامي شخصيت وفا سنڌي جي منعقد ڪيل چاليهي جي تقريب ۾ ڪيو. هن چيو ته ڏکين حالتن باوجود وفا سنڌي محرومين ۽ مجبورين کي شڪست ڏئي زندگي کي همٿ ۽ بهادري سان گذاريو. هن سنڌ سان ظلم ۽ ناانصافي خلاف ويڙهھ ۾ سياسي ۽ صحافتي مورچن تان پاڻ ملهايو. اي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ نور نبي راهوجو چيو ته وفا سنڌ جو عاشق هو، ان ڪري هُو اختلاف را رکڻ باوجود هن کي گڏ هلڻ ايندو هو. هن سنڌ جي سهپ ۽ رواداريءَ کي زندهه رکيو. خادم ٽالپر چيو ته وفا ملڪيت جي حوالي سان ته امير نه هو، پر دل جو انتهائي امير هو، هر ڪنهن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي وٺندو هو. عورت اڳواڻ ادي نذير قريشي چيو ته وفا سنڌي ڌرتي سان پنهنجو وچن پاڙي ڏيکاريو. هو عورت جي آزاديءَ جو حامي هو. پ پ اڳواڻ اميربخش عمراڻي چيو ته زندگي ۾ اهڙا ماڻھو گهٽ ملندا آهن، جن لا هر ڪو اهو دعويٰ ڪري ته هي اسان جو هو. پروفيسر سراج سيال وفا سنڌيءَ کي ڀيٽا ڏيندي چيو ته وفا هڪ کليل ڪتاب جيان هو، جيڪو پنهنجو موقف ۽ مقصد واضع نموني رکندو هو. چاليهي تي لعل شاهه، مير حسن مري، الياس انجم، ڊاڪٽر راڻو ڪنڍاڻي، نوشاد بلوچ، پروفيسر جاويد انڙ، رضا ڏاهري، ريحانه چانڊيو، عابد چنا، پروفيسر عبدالحميد ڏاهري، عزيز ڏاهري، رياض ڏاهري، علي شير وساڻ، عطا الله انڙ، نور بروهي، شهزادي ڀرڳڙي، ايمان سنجراڻي، اياز راڄپر، محمود رخشاڻي، خليل انڙ، حڪيم زنگيجو ۽ ٻين خطاب ڪيو. راڳي عباس فقير سُرن وسيلي وفا سنڌي کي ڀيٽا ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button