پاڪستانسنڌ

سانگي ڦرهو ۾ فنڪشنل ليگ جو اجلاس، اميدوار بيهارڻ جو اعلان

جهڏو: ضلعي بدين جي ڳوٺ سانگي ڦرهو ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻن جي گڏجاڻي حاجي امداد علي رند جي رهائشگاهه تي ٿي، گڏجاڻي ۾ حيدرآباد کان آيل پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي جوائنٽ سيڪريٽري آفتاب احمد لاڙڪ، چيف آرگنائيزر ليبر ونگ فراز احمد راجپوت، أحيدرآباد ضلعي جي جنرل سيڪريٽري رفيق احمد مگسي، ايڊووڪيٽ مير پرويز ٽالپر، اڳوڻي تعلقي ناظم پير حامد علي شاهه، امداد علي رند ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ جي حڪومت سنڌ ۾ عوامي ناڻي جي ڦرلٽ ڪري عوام کي غربت ۽ مفلسي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، گذريل 15 سالن کان سموري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري شهر توڙي ٻهراڙين ۾ روڊ رستا ۽ ڊرينيج نظام تباهه آهي، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ضلعي بدين جي هر يوسين ۾ پنهنجا اميدوار بيهاري مخالف ڌر خلاف سخت مقابلو ڪيو ويندو. گڏجاڻي ۾ ملڪ امتياز، اميد علي رند، حاجي غلام مصطفى رند ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button