پاڪستانسنڌ

صحت ڪارڊ سبب ملڪ ۾ وڌيڪ خانگي اسپتالون ٺهنديون: وفاقي سرڪار

ڪراچي: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ اڪيلو صوبو آهي، جنهن جا شهري صحت ڪارڊ مان فائدو نه کڻي سگهندا، ان پروگرام کانپوءِ ملڪ ۾ وڌيڪ خانگي اسپتالون ٺهڻ شروع ٿي وينديون، سرڪاري اسپتالن وٽ به فنڊز ايندا ۽ انهن جي حالت به بهتر ٿيندي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته پ پ سنڌ جي ماڻهن کان الائي ڪهڙو بدلو وٺي رهي آهي، سنڌ ۾ اسپتالن جو جيڪو حال آهي، ان سان عام ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي. سنڌ اڪيلو صوبو آهي جيڪو هن پروگرام ۾ شامل ناهي، سنڌ حڪومت به سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ فوري طور فراهم ڪري. هن وقت سڄي دنيا ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار روپيا في ٻوري آهي، پاڪستان ۾ 1700 کان 2000 روپيا قيمت آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button