اسلام آبادپاڪستان

پنڊورا پيپرز جي انڪوائري آخري مرحلي ۾ داخل،240 جي جاچ مڪمل

اسلام آباد :پنڊورا پيپرز جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پاران جوڙيل جاچ ڪميشن پنڊورا پيپرز ۾ ايندڙ مبينا 240 نالن مان اڪثريت جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي. 240 پاڪستانين مان اڪثريت جواب ۾ مني لانڊرنگ جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آءِ سي آءِ جي مبينا 700 مان 240 نالا وزيراعظم جي جاچ ڪميشن کي ڏنا. وزيراعظم پاران جوڙيل ڪميشن کي ملندڙ 240 نالن مان 40 پبلڪ آفيس هولڊرز، بيورو ڪريٽس ۽ آرمي جا جنرل شامل آهن. وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪميشن موجب جاچ ڪيل 240 نالن مان گهڻا ٽيڪس چوري، مني لانڊرنگ جي الزام کان انڪاري آهن. آءِ سي آءِ جي طرفان وڌيڪ نالا اماڻيا ويا ته انهن جي به جاچ ٿيندي. جاچ ڪميشن جي فيڪٽ فائڊنگ جاچ جو پهريون مرحلو جنوري جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري به پنڊورا پيپر زجي جاچ آخري مرحلن ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button