اسلام آبادپاڪستان

پي ڊي ايم جو لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان،مارچ ٿيندو:فضل الرحمان

اسلام آباد/پشاور:خيبرپختونخوا ۾ مڪاني چونڊن سبب پي ڊي ايم جو لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مهانگائي مارچ جو اعلان ڪيو آهي پر هاڻ پي ڊي ايم جي لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. ان حوالي سان پي ڊي ايم جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ٻئي مرحلي جون مڪاني چونڊون 27 مارچ تي ٿينديون، جنهن سبب لانگ مارچ جي تحريڪ متاثر ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ لانگ مارچ جي تاريخ تبديل ڪري حتمي فيصلو ڪيو ويندو. جڏهن ته پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 23 مارچ جي مارچ جي تياري لاءِ اجلاس گهرايا ويا، سڀني جماعتن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ عزم جو اظهار ڪيو. 23 مارچ تي قوم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندي. تاريخ ۾ تبديلي جو فيصلو سربراهي اجلاس ۾ ٿيندو. استعيفيٰ ۽ اليڪشن ۾ ڏکيائون آهن، اسيمبلي جي ميمبرشپ کي طاقت بڻائي حڪومت حاصل ڪنداسين. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جن ماڻهن 2018 ۾ مداخلت ڪئي، اهي مڪاني چونڊن ۾ نيوٽرل نظر آيا. ووٽر جي عزت کي ٻاهرين ملڪ يا ادارن سان جوڙڻ ووٽر جي بي عزتي آهي. هن چيو ته حڪمرانن ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو، هن حڪومت ۾ ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور آهن، ملڪ کي اهڙي صورتحال مان ڪڍڻ قومي فرض بڻجي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ جي يو آءِ جي فتح اپوزيشن جي فتح آهي، مڪاني چونڊن عوام جي جذبن جي ترجماني ڪئي، ايندڙ مرحلي ۾ حڪمران جماعت جو ان کان به خراب حشر ٿيندو. فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته استعيفيٰ ان ڪري ڏنيون پئي ويون ته تڪڙي چونڊون ٿين، مان ڪڏهن به پ پ ۽ اي اين پي کي مخالف نه سمجهيو، ٻنهي کي سدائين اپوزيشن جو حصو سمجهيو، اهي تنظيم ۾ گڏ ناهن پر حڪومت خلاف سوچ هڪ آهي، 23 مارچ تي قوم اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندي، پنجاب ۾ ذميواري شهباز شريف جي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button