اسلام آبادپاڪستان

بجلي مهانگي ٿيندي، 17 ارب 85 ڪروڙ جون بار وجهڻ جون تياريون

ڪراچي : مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام تي 17 ارب 85 ڪروڙ رپين جو بار وجهڻ جي هڪ ٻي درخواست نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) کي ڏني وئي آهي. هي درخواست بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين پاران نيپرا کي ڏني وئي آهي. درخواست هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي. ڊسڪوز ڪيپيسٽي چارجز، روانگي ۽ تقسيمي نقصانن سميت ٻين مدن ۾ هي اضافو گهريو آهي. نيپرا 12 جنوري تي شنوائي ڪندي. ڪيپيسٽي چارجز جي مد ۾ 5 ارب 74 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ٽرانسميشن اينڊڊسٽيبيوشن لاسز جي مد ۾ 9 ارب رپيا وصول ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي. آئي سي ڪو هڪ ارب 19 ڪروڙ ليسڪو، 2 ارب 69 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. فيسڪو جي 2 ارب 51 ڪروڙ، ميپڪو 4 ارب 22 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. پيسڪو 2 ارب 75 ڪروڙ، ڪيسڪو جي هڪ ارب 86 ڪروڙ رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.ٽيسڪو جي هڪ ارب 36 ڪروڙ، گيپڪو جي 43 ڪروڙ 60 لک رپيا وصول ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي. نيپرا چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ڪيپسٽي چارجز، روانگي ۽ تقسيمي نقصانن ۽ ٻي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ اضافو گهريو آهي. ڪمپنين جي درخواست تي شنوائي 12 جنوري تي ٿيندي، جنهن کان پوءِ ڪوئي فيصلو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button