پاڪستانپنجاب

جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي چونڊن ۾ ڪاميابي بدقسمتي آهي: فواد چوڌري

فيصل آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري احتساب جي عمل کان پوئتي نه هٽڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کان پيسا به رڪور ڪيا پر مرڪزي جوابدار ٻاهر ويٺا آهن. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي آهي پر عام ماڻهو مطمئن نه آهي ۽ ووٽر سمجهي ٿو ته احتساب مڪمل ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته عمران خان احتساب جي ايجنڊا تي اليڪشن کٽي، اسان احتساب جي عمل کان پوئتي نه هٽنداسين، عدليا کي اليڪشن سڌارن ۽ احتساب تي ڳالهائڻ گھرجي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت ۽ ن ليگ علائقائي جماعت آهي جڏهن ته پ پ سنڌ جي شهرين کي صحت ڪارڊ کان محروم ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير کي لڳي ٿو ته صحت ڪارڊ سان سندن سياست متاثر ٿيندي. سندس چوڻ هو ته جي يو آءِ يا ٽي ايل پي جي اليڪشن ۾ ڪاميابي بدقسمتي جي علامت آهي، وڏين سياسي پارٽين جي ناڪامي سبب فرقيواريت واريون جماعتون مٿي اينديون ته نقصان ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button