پاڪستانپنجاب

23 مارچ تي احتجاج جو سڏ ڏيندڙ هوش کان ڪم وٺن: گهرو وزير

لاهور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ٽيويهه مارچ تي احتجاج جو سڏ ڏيندڙ هوش کان ڪم وٺن، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ملڪ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، عوام جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون. قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي. گهرو وزير شيخ رشيد احمد لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو وزير چيو ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. ملاقات دوران پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو ته نفرتن جا ٻچ پوکيندڙ پهريان پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پائين. ماضي ۾ سياسي انتقام جي ڪلچر کي هٿي ڏني وئي. اسان جي حڪومت سياسي انتقام جي ناڪاري سياست کي ختم ڪيو. راولپنڊي جي فلاحي منصوبن کي به جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. راولپنڊي تحريڪ انصاف جو قلعو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button