پاڪستانعالمي

ڀارتي ايپ تي ملالا سميت 100 مسلمان عورتون نيلامي لاءِ پيش

نئين دهلي: ڀارت ۾ انتهاپسندي جو هڪ ٻيو مثال سامهون اچي ويو، ڀارتي ايپ تي ملالا سميت 100 مسلمان عورتون نيلامي جي لاءِ پيش ڪيون ويون. ڀارت ۾ مسلمانن سان نفرت ۽ انتهاپسندي جي واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ان جو تازو مثال آن لائن ڀارتي ايب “بلي بائي” تي نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل مسلمان 100 عورتون آهن. قطري ميڊيا جي اداري الجزيرا جي هڪ رپورٽ موجب ڀارتي ايپ “بلي بائي” تي 100 عورتن جون تصويرون شيئر ڪندي انهن کي آن لائن نيلامي جي لاءِ پيش ڪيو ويو. نيلامي جي لاءِ پيش ڪيل عورتن جي تصويرن ۾ مسلمان اداڪارا شبانا اعظمي، نوبل انعام يافتا ملالا يوسف زئي، دهلي هاءِ ڪورٽ جي جج جي زال سميت ڪيترن ئي سياستدان ۽ سماجي ورڪرز کي شامل ڪيو ويو آهي. بلي بائي تي نيلامي ۾ پيش ڪيل 100 عورتن ۾ ڪشميري صحافي قرت العين زهبر تي جو نالو به شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button