پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ ٿر فائونڊيشن انتظاميا خلاف شاگردن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ: ٿر ڪول بلاڪ ٽو تي ڪم ڪندڙ تنظيم ٿر فائونڊيشن خلاف شاگردن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري تنظيم خلاف نعريبازي ڪئي. متاثر شاگردن نارائڻ سنڌي، لکميچند، رام ڪاگيا، غني بجير، مشتاق بجير، پرڀو پياسي، ڪمليش ويساڻي، شھديو سکاڻي ۽ ٻين 50 کان وڌيڪ شاگردن دانهيندي چيو ته ٿر فائونڊيشن طرفان اينگرو ڪمپني ۽ گز گروپ جي گڏيل سهڪار سان هڪ اسٽيپ پروجيڪٽ هلايو ويو، جنھن جي 6 مهينن جي ٽريننگ هئي، جنھن دوران مختلف ڪورس اندر شاگردن کي ڪمپيوٽر جي سکيا به شامل هئي، ان ڪري ڊيل ڪمپني جا ليپ ٽاپ، ڪيپ، پينٽ شرٽ، شوز، يو ايس بيز ۽ گهڙيال سميت مڪمل ڪٽ ڏيڻ جو چيو ويو، پر بعد ۾ اڌ ڪٽ ڏني وئي، ڊيل ڪمپني جا ليپ ٽاپ هڙپ ڪري شاگردن کي رڳو ٿيلھا ڏئي منهن تي هٿ ڦيري روانو ڪيو ويو، پروجيڪٽ ۾ شاگردن کي هڪ مهيني جي انٽرنشپ پڻ مليل هئي، ان جا پئسا پڻ ڦٻايا ويا آهن. شاگردن مطالبو ڪيو ته اسان کي ليپ ٽاپ سميت مڪمل ڪٽ ڏئي وظيفو جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل، دليپ ڪمار، سريش ميگهواڙ ۽ نمرو راجاڻي چيو ته ٿر فائونڊيشن شاگردن سان دوکو ڪيو آھي، اسان شاگردن سان گڏ آھيون، جيستائين انصاف نٿو ملي، ڀرپور آواز اٿارينداسين. هوڏانهن ٿر فائونڊيشن جي جنرل مئنيجر نصير ميمڻ رابطي تي ٻڌايو ته معاملي بابت علم ناهي، احتجاج ڪندڙ نوجوان لکت ۾ درخواست ڏين، پو جاچ ڪنداسين، جيڪڏهن واقعي شاگردن سان ناانصافي ٿي آهي ته انهن سان انصاف ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button