اسلام آباد:سپريم ڪورٽ بريسٽ ڪينسر جي وڌندڙ ڪيسن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ وفاقي ۽ سمورن صوبائي صحت واري سيڪريٽريز کي بريسٽ ڪينسر بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري کي ايندڙ شنوائي تي گهرائي ورتو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن تي ٻڌل بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت بريسٽ ڪينسر جي مشينري ۽ علاج لاءِ 3 ارب رپيا رکيا آهن. منصوبي جو پي سي ون تيار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان رڳو پي سي ون ئي ٺاهيندا رهو ٿا، عمل ڇو نٿو ٿئي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اصل مسئلو انساني وسيلن جو آهي، ڪروڙن جي مشينري آڻي رکي وڃي ٿي استعمال ڪوئي نٿو ڄاڻي. هن چيو ته جيستائين اسپتالن جو سيٽ اپ بڻائيندا تيستائين ماڻهو مرندا رهندا. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته بلوچستان صوبي ۾ هڪ به انڪولوجسٽ نه آهي. شنوائي دوران صحت ڪارد جو به ذڪر ڪيو ويو. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت شهرين جي صحت سهولت لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي. صحت ڪارڊ تحت رجسٽرڊ ٿيندڙ هر شهري کي 10 لک رپين تائين علاج ڪرائڻ جي سهولت ڏني وئي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اوهان پنج ڇهه ارب مخصوص ڪري ڇڏيا هوندا ته جيئن ماڻهو انهن مان پئسا کائيندا رهن. ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي شمائل بٽ چيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس ورتو ته حڪومتن کي هوش آيو. چيف جسٽس چيو ته خيبرپختونخوا جي گورنمينٽ سيڪٽر ۾ ته ڪوئي ڪم ٿئي نه پيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته صحت ڪارڊ جو ڪوئي طريقيڪار ته هجي ڪنهن ڪنهن کي صحت ڪارڊ ڏيندا. چيف جسٽس چيو ته ڪي پي ڪي سرڪار اسپتالن ۾ نه ڪائي ايڪسري مشين ڪم ڪري ٿي، نه آڪسيجن جو نظام آهي. ڪي پي حڪومت جا اربين رپيا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ چيف جسٽس چيو ته ڪي پي جي اسپتالن ۾ مٿان کان وٺي هيٺ تائين ماڻهو سفارش تي ڀرتي ڪيا ويا آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته بلوچستان جو هيلٿ بجيٽ ڪيڏانهن وڃي ٿو؟ بلوچستان ۾ اڄ تائين ڪائي اوپن هارڊ سرجري ناهي ٿي. جنهن کان پو ڪيس جي شنوائي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪئي وئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close