اسلام آبادپاڪستان

خواجا آصف خلاف هرجاڻي ڪيس ۾ وزيراعظم کي نوٽيس،جواب طلب

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خواجا آصف خلاف 10 ارب رپيا هرجاڻي واري ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي ڪارروائي اڳيان وڌائڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم جي بيان تي جرح جو حق ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. خواجا آصف جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ عمران خان جي بيان تي جرح جو حق ختم ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته هرجاڻي جو هي ڪيس ڪڏهن کان التوا هيٺ آهي، جنهن تي خواجا آصف جي وڪيل جواب ڏنو ته هي ڪيس 2012 جو آهي. 2021 ۾ سوال واضح ڪيا ويا. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڊائريڪشن ڏني آهي ته هتڪ عزت جا ڪيس جلد اڪلايا وڃن. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ۾ هن التوا جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا اوهان چئو ٿا ته التوا عمران خان جي طرف کان ٿيو.؟ 2012 جو هي ڪيس دير جو شڪار ٿي رهيو آهي، هن جو ته 2 مهينن ۾ فيصلو ٿيڻ گهرجي. جنهن تي خواجا آصف جي وڪيل چيو ته ٻنهي ڌرين طرفان التوا ورتو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت سيشن جج جو 17 ڊسمبر 2021 جو حڪم معطل ڪري وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button