اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مراعت يافتا طبقي ۽ عام شهري تي هڪجهڙو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان انصاف لائيرز فورم جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پاڪستان تحريڪ انصاف عامر محمود ڪياني، آءِ ايل ايف چيئرمين سينيٽر علي ظفر، نويد سهيل ملڪ، فياض احمد، قيصر عباس شاهه، عمير نيازي، انيس هاشمي ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران آءِ ايل ايف جي مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مراعت يافته طبقي ۽ عام شهري تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿيڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close