ڪلوئي: ڪلوئي ويجهو ڳوٺ ٽانڪار ۾ 5 سالن کان پرائمري اسڪول پروز خان لنڊ بند پيل آهي، جنهن خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن مظاهرو ڪري تعليم کاتي جي ڪامورن خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن خدابخش لنڊ، مراد لنڊ، تاج محمد کٻڙ، شاگردن گل شير، علي حسن، بابو، سلمى، سويرا ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جو اسڪول پنج سالن کان بند پيو آهي، جنهن سبب تعليم کان محروم ٿي ويا آهيون، چونڊيل نمائندن سميت اعلى اختيارين کي بار بار استاد مقرر ڪرڻ لا درخواستون ڏنيون، پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ڳوٺاڻن سيشن جج ٿرپارڪر ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پرائمري اسڪول کولرائي استاد مقرر ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close