اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا جي نئين لهر،ڪراچي ۾ اوميڪرون ڪيس وڌن پيا:فيصل سلطان

اسلام آباد : صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته صحت ڪارڊ رکندڙ ماڻهو ڪراچي سميت ملڪ جي ڪنهن به شهر ۾ خاص طور نجي اسپتالن ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته مخصوص اسپتالن ۾ علاج ڪرائيندڙ مريضن کي علاج جي رقم لاءِ ادائيگي ناهي ڪرائڻي. اسپتال ۽ حڪومت جو مقرر ڪيل کاتو پاڻ معاملا طئي ڪندو. هن پاڪستان ۾ ڪرونا جي پنجين لهر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اومي ڪرون جا ڪيس هر هنڌ سامهون اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ان قسم جي ڪيسن جي شرح 8 ڏهائي 9 سيڪڙو، جڏهن ته لاهور ۽ پشاور ۾ 2 ڏهائي 2 سيڪڙو آهي. سندس چوڻ هو ته ويڪسينيٽڊ ماڻهو به ڪرونا جو شڪار ٿي رهيا آهن پر شرح گهٽ آهي. اين سي او سي جي اجلاس ۾ موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button