ننگرپارڪر: ڪارونجھر سجاڳ فورم پاران ننگرپارڪر جي ڳوٺ پپريو ۾ ڳوٺاڻن سان ملي کين ڪارونجھر جي اھميت، ڪٽائي جي نقصانن ۽ ڪارونجهر کي ھميشه لا محفوظ ڪرڻ بابت سجاڳي ڏني وئي. ڪارونجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻن الھرکيو کوسو، رمیش ڪارونجھري، ذوالفقار کوسو، ڳوٺاڻن پرتاب ڪولھي، شوجي ڪولھي، مانو ڪولھي ۽ ٻين چيو ته ڪارونجھر سياحتي، ثقافتي، تھذيبي ۽ مذھبي ماڳن سان گڏ انساني آبادي جي جياپي جو واحد ذريعو آھي، اسان سڀني جي زندگي ڪارونجھر سان سلھاڙيل آھي، ڪارونجھر دفاعي مورچي سان گڏ اسان کي پيئڻ جو مٺو پاڻي به مھيا ڪري ٿو، ھتان جي مقامي آبادي ننگرپارڪر ۾ سنڌ حڪومت پاران ٺاھيل ڊئمن جي سيپيج ٿيل پاڻي مان زمينون آباد ڪري پنھنجو گذر سفر ڪري ٿي، پر گذريل 30 سالن کان ڪارونجھر کي ٽڪي ختم ڪيو پيو وڃي، پر حڪومت ڪمپنين کان ڪم بند ڪرائڻ بدران ڪمپنين جي ساٿاري ٿي وئي آهي. اڳواڻن چيو ته اسان عدالتن مان اميد ٿا ڪريون ته ڪارونجھر کي بچائڻ ۽ ان کي ھميشه لا محفوظ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close