ميرپورخاص: ميرپورخاص جيم خاني جي تباهي جو ايم اين اي مير منور ٽالپر نوٽيس ورتو. ميرپورخاص جي تاريخي جيم خاني جي تباهي جو ايم اين اي مير منور ٽالپر نوٽيس ورتو. ان سلسلي ۾ هن ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، ايم پي اي مير طارق ٽالپر ۽ ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي سميت ٻين پ پ اڳواڻن سان گڏجي اوچتو دورو ڪيو، جتي هن جيمخاني ۾ ٺهيل هال، ٽينس ڪورٽ، سوئمنگ پول، ريسٽورنٽ، باغ ۽ ٻين هنڌن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ميرپورخاص جو جيم خانو انگريز دور کان وٺي هڪ شاندار تفريحي هنڌ رهيو آهي، جتي راندين کان وٺي مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويندا هئا، پر بي ڌيانيءَ سبب تباهيءَ جي ڪنڌي تي پهچي ويو آهي. هن چيو ته 26 ايڪڙن تي ٻڌل جيمخاني ۾ انبن ۽ چيڪون جا باغ پڻ آهن، جتان هر سال 5 لک رپيا آمدني ملي ٿي، جيڪا بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع به ٿئي ٿي، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته هر طرف ويراني نظر اچي رهي آهي. هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص کي هدايت ته جيم خاني ۾ نوان ملازم رکي ان جي بحاليءَ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن. هن ڊي سي کي هدايت ڪئي ته جيم خاني جي ڪميٽي کي معطل ڪري نئين سر ڪميٽي ٺاهي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close