لاهور : ن ليگ نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان جي پي ٽي آءِ فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ بابت بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مريم نواز چيو ته طاقت ذريعي توهان ڪيس هلڻ ڇو نه ڏنو؟ ڇو ايڏا سال رپورٽ جاري نه ڪرڻ لاءِ منٿيون ڪيون؟ هن چيو ته توهان ماڻهن کي چريو سمجهي رهيا آهيو، جيڪو چوندئو تسليم ڪندا؟ تيار رهو، حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. سندس چوڻ هو اڃا تائين رڳو رپورٽ سامهون آئي آهي ۽ توهان جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، توهان چوري ۽ فراڊ ڪيو، صادق ۽ امين لفظن جي توهين جا به ڏوهي آهيو. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي فنڊنگ تي اليڪشن ڪميشن جي ڇنڊ ڇاڻ جي آجيان ڪندي چيو هو ته مان پ پ ۽ ن ليگ جي فنڊنگ جي ڇنڊ ڇاڻ جو به منتظر آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close