ڪُنري: ڪنري ۾ وچن ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان نيشنل پريس ڪلب ڪنري ۾ علمي، ادبي ۽ نوجوان ليکڪ ۽ اڳواڻ ديال صحرائي سان رهاڻ رچائي وئي. جنهن ۾ اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر، سماجي اڳواڻ نور محمد بجير، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، لطيف جي پارکو طالب چانڊيو، علي حسن کوسو، خالد مجاهد چانڊيو، صديق دل، فقير بشير احمد، اطهر گل چانڊيو، راجيش ميگهواڙ، غلام نبي خاصخيلي، انيل ڪمار مڪواڻا ۽ ٻين ليکڪن، شاعرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ديال صحرائي جي زندگي ۽ ڪردار تي ڳالهايو. ديال صحرائي پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌي نوجوان ٻين ترقي يافته قومن جي جدوجهدن مان سکن، عالمي تاريخ ۽ ادب پڙهن، دنيا جي نظرين ۽ اسان جي مفڪرن کي پڙهي پنهنجي صحيح واٽ جو تعين ڪن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هن وقت گهيري ۾ آهي، سنڌي ماڻهو صحيح سياسي جدوجهد ذريعي ئي پنهنجو وطن ۽ وسيلا بچائي سگهن ٿا ۽ ماروئڙن جي مجموعي حالت سڌاري سگهن ٿا. اديب ۽ شاعر مير حسن آريسر ڳالهائيندي چيو ته ديال صحرائي روايتي زندگي کي تَرڪ ڪري پنهنجي رهبر جي واٽ تي عمل ڪيو آهي. سماجي اڳواڻ نور محمد بجير چيو ته ديال صحرائي اسٽيج جو جادوگر آهي، نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل ٿي اڀريو آهي. تقريب ۾ فقير بشير لطيف سائين جي وائي ٻڌائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close