اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي پرڏيهي محاذ تي درپيش چئلينجن کي سامهون رکندي عالمي سطح تي تحقيق کي منظرعام تي آڻڻو پوندو. اها ڳالهه هن اربع ڏينهن هتي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي دوري جي موقعي تي چئي. آءِ آر ايس جي سربراهه ايمبيسڊر نديم رياض پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي ۽ پرڏيهي وزير کي انسٽيٽيوٽ جي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز سان لاڳاپيل محققين سان ملاقات ڪئي ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته اڄ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي ذميدارين ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي، اسان کي پرڏيهي محاذ تي درپيش چئلينجن کي سامهون رکندي عالمي سطح جي تحقيق کي منظرعام تي آڻڻو پوندو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان، وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اڄ بدلجندڙ علائقائي صورتحال اسان جي خصوصي ڌيان جي گهرجائو آهي. تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ اسان کي درپيش چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. هن چيو ته ان حوالي سان ٿنڪ ٽينڪس ۽ محققين جو ڪردار اهميت وارو آهي. ان تحقيقي اداري کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي وزير انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي مختلف شعبن جو دورو ڪيو ۽ پريذيڊنٽ انسٽيٽيوٽ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. پرڏيهي وزير انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز جي دوري جي پڄاڻي تي “وزيٽرز بڪ” ۾ پنهنجا تاثر به لکيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close