اسلام آباد : قومي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ شيئر ڪيل انگ اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 585 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جنهن مان 1085 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل ڪرونا ٽيسٽ جي پازيٽو شرح 2 ڏهائي 32 سيڪڙو رهي آهي. ان کان علاوه ان دوران ڪرونا وائرس سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته 636 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close