اسلام آباد:وزيراعظم نيب چيئرمين کي پي اي سي جي ڪميٽين جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش نه ٿيڻ تي ڪميٽي احتجاج طور اجلاس ملتوي ڪندي نيب چيئرمين جي ٻيهر طلبي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪميٽي ميمبرز طرفان نيب چيئرمين جي عدم پيشي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي. پي اي سي چيئرمين رانا تنوير چيو آهي ته نيب چيئرمين کي پنهنجي دور ۾ خرچ ٿيل پئسي جو جواب ڏيڻو پوندو. حڪومت نيب چيئرمين کي جوابده نه بڻايو ته اها زيادتي هوندي. هن چيو آهي ته نيب چيئرمين کي اچڻ گهرجي ها ۽ ايندو. چيئرمين نيب کي خط لکي رهيو آهيان، نيب طرفان لکيل خط ڪابينا سيڪريٽريٽ کان خط جا تفصيل طلب ڪيا ويندا. هن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي پوزيشن ۽ نيب چيئرمين جي پوزيشن هڪجهڙي ناهي. نيب سربراهه احتساب جي قابل آهي، جيڪڏهن حڪومت هن جو احتساب نه ڪيو ته اها زيادتي هوندي. سيڪريٽري ڪابينا ٽيليفون ۽ لکت ۾ آگاهه ڪري ته ڇا هي قانون موجب نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. چيئرمين پي اي سي چيو ته جيڪڏهن ڪو هڪڙو ماڻهو وزيراعظم کي تمام گهڻو پيارو آهي ته ان کي ائين نه ڪرڻ گهرجي. پ پ اڳواڻ نويد قمر ۽ شيري رحمان چيو آهي ته نيب چيئرمين پارليامينٽ اڳيان جوابده ٿيڻ نٿو چاهي. نيب چيئرمين احتساب کان ڊڄي رهيو آهي، ڇا احتساب رڳو سياستدانن لاءِ آهي. نيب چيئرمين جي پيشي جي ٻيو ڪو آفيسر نمائندگي نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته نيب طرفان اجلاس ۾ لکيل خط پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم جي منظوري سان ڊي جي نيب کي نمائندگي جو حق ڏنو ويو آهي ۽ هو بطور پرنسل اڪائونٽ آفيسر نمائندگي ڪندو. جڏهن ته پي اي سي ڊي جي نيب کان بريفنگ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close