اسلام آباد:سٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مني بجيٽ رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ڪالهه سينيٽر طلحا محمود جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪوشش آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي. آءِ ايم ايف هر ٻن سالن بعد اچي اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿو ته ٽيڪس نظام کي ٺيڪ ڪيو. پهرين جولاءِ کان ٽيڪس جو فعال نظام شروع ٿي ويندو، ٽيڪس نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. رياست وٽ وسيلا ناهن، رياست پنهنجي پيرن تي بيهي نٿي سگهي. پارليامينٽ جا ميمبرز رياست جي آمدني وڌائڻ لاءِ تجويزون ڏين. سينيٽر فاروق نائيڪ چيو ته پارليامينٽ جا ميمبرز رياست ۽ عوام وچ ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، حڪومت سڌو سنئون ٽيڪس وصولي نه وڌائي رهي آهي. حڪومت ٽيڪس ذريعي عام ماڻهن تي بار وجهي رهي آهي. ڪاروباري برادري کان فڪسڊ ٽيڪس وٺڻ بابت نٿو سوچيو وڃي. حڪومت جي خرچن کي ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، ملڪي برآمد گهٽ ۽ درآمد وڌيڪ آهي. ڪميٽي ماچس تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ۽ سون، ڊائمنڊ ۽ جيولري تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز رد ڪري ڇڏي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مني بجيٽ رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. طلحا محمود چيو ته ناڻي وارو وزير ٻڌائي ته ڪميٽي جي تجويزن کي مڃيو وڃي ٿو يا نه؟ ڪميٽي جا 14 ميمبرز موجود آهن پر ناڻي وارو وزير گم آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close