اسلام آبادپاڪستان

جسٽس عائشا ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش

اسلام آباد : جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان (جي سي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا اي ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ مقرري جي سفارش ڪري ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق سميت ٻين ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس گلزار احمد جي سي پي اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ جسٽس عائشا ملڪ جي ترقي کي 4 جي ڀيٽ ۾ 5 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. جڊيشل ڪميشن پاران جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي سفارش بعد ڄاڻايل معاملو حتمي منظوري جي لاءِ ججز مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي کي اُماڻيو ويو. جي سي پي جي سفارش بعد جسٽس عائشا ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي پهري عورت جج بڻجي ويندي. هي ٻيو موقعو آهي جو جي سي پي جسٽس عائشا ملڪ جي ترقي تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ اجلاس ڪوٺايو. گذريل سال جي سي پي جي هڪ اجلاس دوران اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب اهو معاملو دير جو شڪار ٿي ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button