اسلام آبادپاڪستان

مڪاني چونڊن ۾ شڪست سان پارٽي کي نقصان ٿيو،احتساب نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان حڪومت لاءِ ايندڙ 3 مهينا انتهائي اهم قرار ڏئي ڇڏيا ۽ چيو آهي ته پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست سان پارٽي کي نقصان ٿيو. اها پارٽي جي تنظيمي سطح تي وڏي ناڪامي آهي. هڪ انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست سان پارٽي کي نقصان ٿيو آهي، اها پارٽي جي تنظيمي سطح تي وڏي ناڪامي آهي. حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي احتساب جو نه ٿيڻ آهي. سمورين شاهدين باوجود اهڙي ماڻهو بچي ٿا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته فوجي قيادت سان مثالي لاڳاپا آهن، آرمي چيف کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ بابت اڃا ناهي سوچيو، نومبر گهڻو پري آهي. هن چيو اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آڻڻ چاهي ٿي ته ضرور آڻي، اتحادين سان گڏجي حڪومت 5 سال پورا ڪندي. سندس چوڻ هو ته الله جو شڪر آهي ته پي ٽي آءِ جي ووٽ بئنڪ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ٿي، حڪومت جي ڪيترن ئي سٺن ڪمن جي مشهوري نه پئي ٿئي، ايندڙ ٽن مهينن ۾ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب حڪومت جي ڪارڪردگي مان مڪمل طور مطمئن آهيان، جڏهن ته پاڪستان جا چين ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button