اسلام آبادپاڪستان

صدر عارف علوي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو

اسلام آباد :صدر عارف علوي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي ويو. صدر عارف علوي ٽوئيٽر تي ٻڌايو ته منهنجي ڪرونا ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو آهي. سندس موجب ڪجهه ڏينهن کان ڳلو خراب هو پر مان بهتر ٿي رهيو هيس، ٻه راتيون اڳ ٿورو بخار محسوس ڪيو پر ان کانسواءِ ڪا علامت ظاهر نه ٿي هئي. هن سڀني دوستن ۽ عزيزن کي وبا کان محفوظ رهڻ لاءِ احتياط جي اپيل ڪئي ۽ گڏوگڏ دعا به لکي ته “۽ جڏهن مان بيمار ٿيندو آهيان ته اهو ئي (الله) شفا ڏيندو آهي”. واضح رهي ته صدر عارف علوي مارچ 2021 ۾ به ڪرونا وائرس جو شڪار ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button