پاڪستانپنجاب

عمران خان غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ بنا دير استعيفيٰ ڏئي: مريم نواز

لاهور: ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته غير قانوني فنڊنگ جي ڏوهه ۾ عمران خان فوري طور استعيفيٰ ڏئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته اليڪشن ڪميشن رپورٽ ۾ تحريڪ انصاف فارين فنڊنگ جي حوالي سان وڏا انڪشاف ٿيا آهن، اسٽيٽ بئنڪ موجب پي ٽي آءِ جا 26 اڪائونٽس هئا، 18 اڪائونٽ ايڪٽو هئا، پي ٽي آءِ رڳو 4 ڊڪليئر ڪيا، هنن کي آمريڪا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڪئنيڊا مان فارين فنڊنگ ملي، جڏهن ته پاڪستان جي قانون موجب ڪنهن به پرڏيهي ڪمپني کان فنڊنگ نٿي وٺي سگهجي. هن چيو ته عمران خان جو برانڊ کلي سڀني جي سامهون اچي چڪو آهي، هاڻي کيس ڀڄڻ جو موقعو نه ملندو، سندس برانڊ نالائقي، نااهلي، ڪرپشن، ڪوڙ، ڦرلٽ ۽ غير قانوني فنڊنگ آهي،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button