پاڪستانپنجاب

نوازليگ سان پراڻيون دوستيون،جهاز هر طرف وڃي سگهي ٿو:جهانگير ترين

لاهور: لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق جي ڌيءَ جي شادي جي تقريب ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته سعد رفيق منهنجو ڀاءُ آهي ۽ اسان فيملي جا ميمبر رهي چڪا آهيون. (ن) ليگ سان دوستيون پراڻيون آهن ۽ اهي ائين ئي هلنديون رهنديون. ان دوران صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته ڇا جهانگير ترين جو جهاز ڪڏهن(ن) ليگ طرف وڃي سگهي ٿو؟ ان تي جهانگير ترين چيو ته جهاز ته هر طرف وڃي سگهي ٿو. صحافي طرفان مسلم ليگ(ن) ۾ شموليت جي سوال تي جهانگير ترين مسڪرائيندو رهيو، جنهن تي ليگي اڳواڻ اياز صادق چيو ته جهانگير ترين هجي يا ڪو ٻيو تحريڪ انصاف اڳواڻ، عمران خان کان سواءِ سمورا مسڪرائيندا رهندا آهن. تقريب ۾ جهانگير ترين کان هڪ ٻئي صحافي سواليا انداز ۾ چيو ته جهانگير ترين شادي جي تقريب ۾ گهوٽ لڳي رهيو آهي جنهن تي ترين گروپ جي اڳواڻ راجا رياض چيو ته مان جهانگير ترين کي گهوٽ لڳڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button