اسلام آبادپاڪستان

هفتي ۾ کنڊ ۽ دالين سميت عام واهپي جون 25 شيون مهانگيون

اسلام آباد :هلندڙ سال جي پهرين هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0 ڏهائي 08 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن بعد سالياني بنياد تي مهانگائي جي شرح 20 ڏهائي 08 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي. وفاقي جي ڳڻپ واري کاتي موجب هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته سڀني کان گهٽ آمدني رکندڙ غريب طبقي لاءِ مهانگائي جي شرح 21 ڏهائي 38 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي. ڳڻپ واري اداري موجب برائلر ڪڪڙ 8 رپيا 96 پيسا، مهري دال 3 رپيا 23 پيسا، مڱن جي دال هڪ رپيو 67 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي. جڏهن ته کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ 62 پيسا واڌ کانپوءِ في ڪلو 92 رپيا 74 پيسا ٿي ويو. هڪ هفتي دوران پيٽرول 3 رپيا 80 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 81 پيسا في ليٽر مهانگو ٿيو. ٻارڻ واريون ڪاٺيون، ماچس، گرم مصالحن جي اگهه ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته ٿوم هڪ رپيو 82 پيسا ۽ مٽر به 4 رپيا 53 پيسا في ڪلو مهانگا ٿيا. ٻئي پاسي ٽماٽا 10 رپيا 6 پيسا، ڳاڙهن مرچن جي 200 گرام پيڪٽ جي اگهه ۾ 48 رپيا 63 پيسا گهٽتائي ٿي، بيضا 4 رپيا 19 پيسا في ڊزن، ايل پي جي جو گهرو سلينڊر 23 رپيا 35 پيسا، جڏهن ته هفتي دوران 19 ضروري شين جي اگهن ۾ ڪابه ڦير ڦار نه ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button