پاڪستانپنجاب

حڪومت وڃڻ واري آهي،اسيمبلي اميدوار فائنل ڪري ڇڏڻ گهرجن:بلاول

لاهور:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت وڃڻ واري آهي، ڪارڪن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر تياريون ڪري وٺن. رپورٽ موجب ڪالهه لاهور ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب پارٽي ميمبرن خيالن جو اظهار ڪندي مسلم ليگ(ن) سان اتحاد تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه مجبورين سبب (ن) ليگ سان گڏ هلياسين پر هاڻي هن اتحاد سبب پيپلز پارٽي کي سياسي نقصان ٿيو آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ نقصان پنجاب ۾ ٿيو آهي. هاڻ اسان کي مڪاني ۽ جنرل چونڊن ۾ مسلم ليگ(ن) سان مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ ن ليگ کان ڌار رهي سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ذريعن موجب سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن مسلم ليگ(ن) سان ماضي ۾ ڪيل اتحاد کي پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۾ گهٽتتائي جو ذميوار قرار ڏنو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ عوامي نيشنل پارٽي، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ ٻين مذهبي ۽ سياسي پارٽين سان اتحاد جا مشورا به ڏنا. ذريعن موجب پيپلز پارٽي پنهنجي سموري الائيڊ ونگز جي تنظيم جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سمورن ونگز جا ڌار ڌار ڪنوينشن منعقد ڪيا وڃن. اجلاس ۾ هاري ڪنوينشن، شاگرد ڪنوينشن، يوٿ ڪنوينشن، عورت ڪنوينشن، لائرز ڪنوينشن، مزدور ڪنوينشن منعقد ڪرڻ جو به جائزو ورتو ويو ۽ اليڪشن مانيٽرنگ سيل جي قيام جو به فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ايندڙ حڪومت ۾ اچڻ جي لاءِ پراميد نظر آئي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجا قوبي ۽ صوبائي اسيمبلي جا اميدوار فائنل ڪرڻ گهرجن. موجوده حڪومت وڃي رهي آهي ڪارڪن تياريون ڪري وٺن. اسان کي صرف پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪرڻو آهي. ايندڙ حڪومت پيپلز پارٽي ٺاهيندي. لانگ مارچ ذريعي اسان حڪومت کي گهر اماڻي ساهه کڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button