اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا ۾ ٻيهر شدت اچي وئي،وڌيڪ 6 مريض فوت

اسلام آباد : پاڪستان ڪرونا مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 40 هين نمبر تي اچي ويو، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 6 ماڻهو فوت ۽ 1293 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. اين سي او سي جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ هڪ هزار 293 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڌيڪ 6 ماڻهو هن وبا وگهي فوت ٿي ويا ۽ وڌيڪ 239 مريض صحتياب ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 52 سيڪڙو تي اچي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 961 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽيليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 14 هزار 94 مريضن مان 609 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 12 لک 58 هزار 86 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 51 هزار 145 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 لک 50 هزار 392 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. جڏهن ته ڪل فوتگيون 7 هزار 678 ٿيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button