اسلام آبادپاڪستان

قانون جا بکيا اُڊيڙڻ بند ڪيو،ڇا هي پوليس اسٽيٽ آهي:جسٽس فائز

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي پراسڪيوٽر جنرل سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت اپيل تي شنوائي دوران جسٽس قاضي فائز عسيٰ ريمارڪس ڏنا ته هي پوليس اسٽيٽ آهي؟ آئين ۽ قانون جو مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. آئين ۽ قانون جا بکيا اُڊيڙڻ بند ڪيو. عدالت پراسڪيوٽر جنرل سنڌ کي مخاطف ٿيندي چيو ته ڏک ٿيو ته رياست هڪ ايف آر داخل ٿيڻ تي عدالت آئي آهي، ٻڌايو اوهان ڪهڙي حيثيت ۾ درخواست داخل ڪئي.؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته راجا عمر خطاب ايترو طاقتور آهي جو اوهان جي اداري کي هلائي رهيو آهي. هي ڪهڙو طريقو آهي ته جيڪا مرضي آهي اُهو ڪيو. سپريم ڪورٽ پراسڪيوٽر جنرل سنڌ کان اپيل داخل ڪرڻ تي وضاحت طلب ڪري ورتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button