پاڪستانسنڌ

لطيف پنهنجي شاعري ۾ بادشاهن کي بڇڙو ڪيو:سردار شاهه

ٽنڊوالهيار/ عثمان شاهه هڙي: ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر ميون شاهه عنات رضوي جي ٻي ادبي ڪانفرنس ڳوٺ شاهپور رضوي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مهمان خاص تعليم، ثقافت ۽ سياحت نواردات کاتن جي صوبائي وزير سردار علي شاهه هو. ڪانفرنس ۾ ناليوارن اديبن تاج جويو، نصير مرزا، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر اسحاق سميجو، ڊاڪٽر نواز علي شوق، محمد علي مانجهي ۽ ٻين ميون شاهه عنات رضوي تي مڪالا پڙهيا. ادبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته شاهه عنات هڪ وڏو شاعر هو، جنهن تي جيتري به تحقيق ٿئي، گهٽ آهي. شاهه عنات سنڌ ڌرتي جي ماروئڙن، سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۽ داستانن تي شاعري ڪئي، ان مان ائين لڳي رهيو آهي ته ان وقت جا ماڻهو راتين جو ويهي پنهنجن ڪچهرين ۾ لوڪ داستانون، بيت ۽ گيت ڳائيندا هئا. هن چيو ته ماضي ۾ ٿر ۾ به مڱڻهارن جا ٿانو ڌار هئا، انهن سان ويهڻ عيب سمجهندا هئا، پر اهو عيب شاهه لطيف ڀٽائي ۽ شاهه عنات نه سمجهيو، شاهه عنات انهن سان گڏجي وائي ۽ بيت ارپيا. ٽنڊي الهيار ۾ ٺهندڙ ڪلچر ڪامپليڪس جو نالو شاهه عنات رضوي رکيو ويندو، ڇو جو لطيف سرڪار به شاهه عنات کي اهميت ڏيندو هو، ٽنڊي الهيار ۾ اديب جام آهن انهن کي گهرجي ته هو شاهه عنات تي وڌ کان وڌ تحقيق ڪن. لطيف جي شاعري ۾ ماروي جي ڪردار ۾ لطيف بادشاهن کي بڇڙو ڪيو، ان وقت به اظهار جي آزادي هئي. ميون شاهه عنات جو ڪڇ ۽ راجستان سان واسطو ملي ٿو، جيڪڏهن اتي جي ماڻهن سان رابطو ڪجي ته اتان به ڪافيون ۽ وايون بيت ملندا. تاج جويو چيو ته شاهه عنات وائي جو بنياد وڌو، شاهه عنات هڪ راڳي هو، شاهه عنات جا ٽي خوبصورت ڪتابن جا مجموعه اڳ ۾ ئي اچي چڪا آهن ۽ هڪ ڪتاب ڀلي ڪئي، جنهن جي هن ٻي ادبي ڪانفرنس ۾ مهورت ٿي آهي. نصير مرزا چيو ته شاهه عنات جي شاعري ۾ جيڪي 12 سر آهن، انهن سرن ۾ سامين، جوڳين، سنڌ ڌرتي ڪردارن ۽ جيڪي ڪائنات ۾ سمايل شيون آهن، انهن جو ذڪر ملي ٿو. مدد علي سنڌي چيو ته سيد علي نواز شاهه جيڪو خواب ڏٺو هو، ان کي ساڀيان ملي چڪي آهي، شاهه عنات جي شاعري ۾ ٻاويهه سر آهن. ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ميون شاهه عنات کي نئين دور تحت دريافت ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته هي درگاهون سڪون جون درسگاهون آهن، شاهه عنات جي وائي ۾ هميشه دعا گهرندو آهيان. صوبائي وزير ۽ چيئرمين شاهه عنات رضوي ضيا عباس شاهه چيو ته شاهه عنات ادبي ڪانفرنس پهرئين 2019ع ۾ ٿي، ان وقت بابا جي طبيعت ٺيڪ نه هئي، ان باوجود ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ شاهه عنات جي ٽن ڪتابن جي مهورت ٿي، هن وقت اسان ٽي ڪتاب ٻيا به ڇپرايا آهن. درگاهه جي گادي نشين علي نواز شاهه رضوي چيو ته شاهه عنات تي وڌ کان وڌ تحقيق ٿيڻ گهرجي. ادبي ڪانفرنس ۾ عبدالواحد عاصي هڪڙو، خليل کوسو، ڊاڪٽر تهمينه، محمد علي مانجهي ۽ ٻين اديبن مڪالا پڙهيا. ان موقعي تي درگاهه تي چادر چاڙهي وئي. رات جو راڳ رنگ جي محفل ٿي، جنهن ۾ ڀلوڙ راڳي الهڏنو جوڻيجو، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين شاهه عنات جا ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button