پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ شگرملون بند، مالڪ بليڪ ميل ڪن پيا:سنڌ آبادگار بورڊ

ميرپورخاص: سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص پاران آبادگار اڳواڻ حاجي امين پنهور جي رهائشگاهه تي آبادگارن جي هنگامي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ آبادگار اڳواڻن محمد عمر ٻگهيو، حاجي ملوڪ راڄڙ، ممتاز مري، الهبچايو راڄڙ ۽ غلام مصطفيٰ ٻگهيو سميت ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي بعد آبادگار اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شگر مل مالڪ مافيا بڻجي آبادگارن کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، ٽن ڏينهن کان بنا ڪنهن جواز جي شگرملون بند ڪرڻ سبب ملن ٻاهران اسان جو ڪمند سڪي رهيو آهي، هڪ ڏينهن اندر شگرملون چالو نه ڪيون ويون ته ملن جي گيٽن اڳيان ڌرڻا هنيا ويندا. هنن وڌيڪ چيو ته مختلف شگرمل مالڪن پاران گذريل ٽن ڏينهن کان بنا ڪنهن ڪارڻ جي شگرملون بند ڪرڻ سبب اسان جي ڪمند جون ٽراليون ملن سامهون بيٺل آهن، جنهن ڪري ڪمند جو وزن گهٽجي رهيو آهي، جنهن سان آبادگارن توڙي هارين کي نقصان پهچندو. هنن چيو ته شگر مل مالڪ چاهين ٿا ته پنهنجي مرضي جي اگهھ تي ڪمند خريد ڪري سگهن، پر اسان ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين، سرڪاري اگهھ تي ڪمند ڏنو ويندو. هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهھ آهي ته سنڌ حڪومت مل مافيا اڳيان بيوس بڻيل آهي، جنهن ڪري آبادگارن کي نقصان پهچي رهيو آهي، ملون بند ٿيڻ ڪري ڪمند جي ڪٽائي لا ٿر مان ايندڙ مزدور طبقو پڻ مالي بحران جو شڪار آهي، اسان ضلعي انتظاميا کي شڪايت ڪئيي آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته هڪ ڏينهن اندر مل مالڪن ملون چالو نه ڪيون ته هزارين آبادگار ملن جي مک گيٽن اڳيان ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ڌرڻا هڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button