پاڪستانسنڌ

اسان کي پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي:ڍورونارو ۾ تقريب

ڍورو نارو: ڍورو نارو ھا اسڪول ۾ سائنس ليب رينوويشن جي افتتاحي تقريب ٿي. سائنس ليب جي رينوويشن، فرنيچر ۽ رنگ روگن ۾ سھڪار ڪندڙ سماجي اڳواڻن ميان پير محمد ولھاري، فقير نور جادم مڱريو، او بي اي صدر ڊاڪٽر عيسى مڱريو، ڊي او عمرڪوٽ بلاول ڪنڀار، بشير کوسو، حاجي خير محمد مڱريو، پرنسپال علي نواز ڀنڀرو، ماستر عيدل ڪنڀار، آسن کتري، ٽي او پٿورو مير حسن آريسر، عبدالستار چوپاڻ، عارف قريشي، نور محمد سميجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته تعليم ھر انسان لاءِ ضروري آهي، جن قومن پنهنجن تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهي مالڪي ڪئي، اھي قومون دنيا اندر ترقي يافتا بڻيون، اسان کي پنهنجن ادارن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي ته جئين ايندڙ نسل جو مستقبل تعليم سان سنوارجي وڃي. اسڪول جي ڪمن ۾ بھترين ڪارڪردگي پيش ڪندڙ استاد عيد ڪنڀار کي پٽڪو ٻڌرايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button