ڪراچي: ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروس جو منصوبو مڪمل طور تي فعال ٿي ويو. روز هڪ لک 35 هزار کان وڌيڪ مسافر فائدو وٺي سگهندا، ڀاڙو 15 کان 55 رپيا رکيو ويو. گذريل ڏينهن سومر تي گرين لائين بس سروس جي پهرين بس صبح 7 وڳي پنهنجي منزل ڏانهن رواني ٿي. پروجيڪٽ مئنيجر عبدالعزيز ٻڌايو ته بسون رات 10 وڳي تائين هلنديون، اهڙا شهري جن کي صرف 2 کان 3 ڪلوميٽر سفر ڪرڻو آهي، انهن لاءِ 100 رپين جو ڪارڊ خريد ڪرڻ فائديمند رهندو، جنهن لا ڪارڊ ريچارج جو نظام به نصب ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته جيئن جيئن اسٽاپ وڌندا ويندا، 5 رپيا ڀاڙو وڌايو ويندو، سرجاني کان نارٿ ناظم آباد رستي نمائش تائين هزارين ماڻهو بسن ۾ سفر ڪندا، گرين بس تي سفر لاءِ گهٽ کان گهٽ ڪرايو ته 15 رپيا آهي، پر ٽڪيٽ 55 رپين ۾ وٺڻي پوندي. هر ٽن منٽن کانپوءِ بس اسٽيشن تي ايندي، اسٽيشن تي بس جو دروازو رڳو 20 سيڪنڊ مسافرن لاءِ کلندو. هوڏانهن بس ۾ نمائش چورنگي اسٽيشن پهچندڙ مسافر ڪافي خوش نظر آيا. هڪ مسافر عورت ٻڌايو ته بس سروس ۽ ان جو عملو تمام سٺو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close