پاڪستانپنجاب

نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽن تي ماهرن جي راءِ وٺڻ جو فيصلو

لاهور: وفاقي حڪومت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي وطن واپسي جي سلسلي ۾ پنجاب حڪومت کي ميڊيڪل رپورٽن تي ماهرن جي راءِ کان آگاهه ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ پنجاب حڪومت کي خط لکيو ويو آهي. اٽارني جنرل آفيس پاران پنجاب حڪومت کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف پاران لنڊن ۾ علاج جي حوالي سان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل ميڊيڪل رپورٽن تي ماهرن کان راءِ ورتي وڃي. ذريعن موجب راءِ ملڻ تي نوازشريف جي واپسي بابت لائحه عمل اختيار ڪيو ويندو. ذريعن موجب ماهرن جيڪڏهن نوازشريف جي صحت کي بهتر قرار ڏنو ته ان جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ويندو. پنجاب حڪومت پاران هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽن تي ماهرن کان راءِ وٺڻ کان پوءِ وفاق کي آگاهه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button