
اسلام آباد : وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ نوجوان ۽ عورت تي تشدد جي ڪيس جي پاڻ پيروي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪا بخاري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيس جي پيروي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پيروي جو فيصلو متاثر ڇوڪري طرفان جوابدارن کي نه سڃاڻڻ سبب ڪيو آهي، رد نه ڪرڻ جوڳيون ويڊيوز ۽ فرانزڪ شاهديون رڪارڊ تي موجود آهن. سندس چوڻ هو ته عورتن کي هراسان ۽ بي لباس ڪندڙ قانون کي منهن ڏيندا. واضح رهي ته گذريل سال جولاءِ ۾ سوشل ميڊيا تي نوجوان ۽ عورت تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد پوليس ايڪشن وٺندي تشدد ڪندڙ بااثر جوابدار عثمان مرزا سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هو.