اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنجاب جي سياحتي ماڳ مري ۾ پيشل آيل سانحي ۾ فوت ٿي ويل 22 ڄڻن جي موت جو ذميوار پوري رياست کي قرار ڏيندي وزيراعظم کي اجلاس گهرائي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سموري رياست مري ۾ فوتگين جي ذميوار آهي. اين ڊي ايم اي پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مري سانحي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ مري جي رهائشي حماد عباسي جي درخواست تي شنوائي ٿي. درخواست ڏيندڙ چيو ته جڏهن ٽول پلازا کان سياح مري وڃي رهيا هئا ته ڪنهن به انهن کي نه روڪيو ۽ نه ئي خدشن کان آگاهه ڪيو. انتظاميا ذميوار آهي. ان دوران نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) جو ميمبر پيش ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هن 22 ماڻهن جي فوتگين جو ذميوار ڪير آهي؟ پارليامينٽ ڊيزاسٽر مينجمينٽ قانون ٺاهيو آهي. 2010 کان ان تي عمل ٿيڻو هو. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ جو اڄ تائين ڪڏهن اجلاس ٿيو آهي؟ ان تي اين ڊي ايم ايم اي جي ميمبر جواب ڏنو ته هڪ اجلاس 21 فيبروري 2013 تي ٿيو هو ۽ ٻيو اجلاس 5 سالن کان پوءِ 28 مارچ 2018 تي ٿيو. چيف جسٽس اين ڊي ايم اي ميمبر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته اجلاس ٿئي ها ۽ تياري هجي ها ته قيمتي جانين جو نقصان نه ٿئي ها. اوهان ناڪام ٿي ويا آهيو، اوهان جي ذميواري هئي ته اجلاس گهرائي ان علائقي لاءِ پلان جوڙيو ها. اوهان کي ان قانون تي عمل ڪرائڻو هو، جيڪڏهن ان قانون تي عمل ٿئي ها ته هڪ شهري جي به فوتگي نه ٿئي هئا. هن ڪيس ۾ ته ڪنهن به قسم جي جاچ جي ضرورت ئي ناهي. هن قانون تي صرف اين ڊي ايم اي کي عمل ڪرائڻو هو، جيڪڏهن ڊسٽرڪٽ پلان هجي ها ته جيڪو ڪجهه ٿيو ائين نه ٿئي ها. هن وقت سڀ اهو ئي چئي رهيا آهن ته مري جا ماڻهو سٺا ناهن، انهن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ بنا ڪنهن سبب جي مري جي ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو پيو وڃي. چيف جسٽس اين ڊي ايم اي جي ميمبر کي چيو ته وزيراعظم اڄ ئي ڪميشن جو اجلاس گهرائي جيڪو به ذميوار آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪري. اين ڊي ايم اي پنهنجي ذميواري ناهي نڀائي. 11 سالن دوان اهو ناهن ٻڌائي سگهيا ته ڊسٽرڪٽ پلان آهي يا نه؟ ڪو به هوٽل وارو رپيو به نٿي وٺي سگهيو. اسان حڪم جاري ڪريون ٿا ته وزيراعظم ايندڙ هفتي ڪميشن جو اجلاس گهرائي ڪميشن سان لاڳاپيل قانون تي عمل نه ڪرائيندڙن جو ذميوار مقرر ڪن. جيڪي سانحي ۾ فوت ٿيا آهن انهن جي ذميوارن کي ڳوليو وڃي. الله نه ڪري جيڪڏهن اوهان جا ٻار هن سانحي ۾ فوت ٿي وڃن ها ته اوهان ڇا ڪريو ها؟ اين ڊي ايم اي جي ميمبر چيو ته قانون ۾ چٽو لکيل آهي ته مرڪزي، صوبائي ۽ ڊسٽرڪٽ ليول تي ذميواريون هونديون آهن. چيف جسٽس اطهر من الله اين ڊي ايم اي جي ميمبر کي چيو ته سموري رياست مري سانحي جي ذميوار آهي. جيڪڏهن نيشنل ڪميشن جو اجلاس 2018 کان پوءِ ناهي ٿيو ته اوهان ان جا ذميوار آهيو. اڄ اوهان وزيراعظم کي لکو ته هو نيشنل ڪميشن جو ايندڙ هفتي جي لاءِ اجلاس گهرائي. سمورا طاقتور هن ڪميشن ۾ موجود آهن. چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي به هن ڪميشن جو ميمبر آهي، 9 ٻارن جو ڇا ڪو ڏوهه هو؟ ان کان وڌيڪ اهم معاملو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هاءِ ڪورٽ وزيراعظم کي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڪميشن جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اجلاس کان پوءِ رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرايو. اڄ تائين ڊيزاسٽر مينجمنيٽ ڪميشن جي قانون تي عمل ڇو ناهي ٿيو. اهو سڀ ڪجهه ٿيندڙ اجلاس جي سامهون رکو. ان کان پوءِ چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close