اسلام آبادپاڪستان

پختونخوا جي اسپتالن ۾ شهرين لاءِ ڪابه سهولت ناهي:چيف جسٽس

اسلام آباد :چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا آهن ته پختونخوا جي اسپتالن ۾ عام شهرين لاءِ ڪابه سهولت موجود ناهي، مون کي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد ڪي پي ڪي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلون بڻجي وينديون. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اقليتن جي عبادتگاهن بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جو چيئرمين، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ان دوران رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڌرمشالا جي زمين تي ڪمرشل پلازا تعمير ڪيو پيو وڃي. ان تي چيئرمين متروڪ وقف چيو ته ڌرمشالا قديمي هو ۽ زمين متروڪ وقف جي آهي، ان تي تعميرات ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهڙي طرح جون سموريون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون؟ 1932 کان قائم ڌرمشالا اوهان اصل حالت ۾ محفوظ نه رکي سگهيو، چيئرمين صاحب! اوهان پنهنجي ذميوارين کان ڀڄي نٿا سگهو. لاهور جي جين مندر ۽ بليو ڊوم واري معاملي تي ايف آءِ اي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ عدالت ايف آءِ اي کي ڪراچي ۾ ڌرمشالا جي زمين تي قبضي جو ڪيس ۽ شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ماڻهن کي حراسان نه ڪري، ماڻهن کي ايف آءِ اي کان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي ته هي کڻي ويندا. ايف آءِ اي جاچ جي نالي تي ڄار وڇائيندو آهي ته ڪيتريون مڇيون وچ ۾ اينديون. سمورو ملڪ ان حرڪتن سبب بدامني جو شڪار آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ايترو وڏو ڪرتارپور راهداري ٺاهيو پيو وڃي، باقي ملڪ ۾ به اقليتن جون عبادتگاهون آهن.رميش ڪمار چيو ته ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن ۾ اقليتن لاءِ ڪي به سهولتون ناهن. جنهن تي چيف جسٽس ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري کي روسٽرم تي طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو آهي؟ چيف سيڪريٽري چيو ته هڪ اسپتال جو دورو ڪيو جنهن ۾ سموريون طبي سهولتون موجود هيون. جسٽس گلزا احمد چيو ته اوهان کي اهو بيان ڏيڻ سونهي نٿو، اوهان جي لاءِ ته هر جڳهه تي سهولتون موجود آهن. عدالت چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا کي صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن تي تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button