اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 7 مريض فوت،3567 نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 7 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 48 هزار 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 3567 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي. پنجاب ۾ 4 لک 50 هزار 686، سنڌ ۾ 4 لک 94 هزار 64، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 81 هزار 996، بلوچستان ۾ 33 هزار 682، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 437، اسلام آباد ۾ هڪ لک 10 هزار 243، جڏهن ته ازاد ڪشمير ۾ 34 هزار 726 ڪيسز رپورٽ ٿيا. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 40 لک 32 هزار 951 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 449 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 60 هزار 407 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 675 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button