پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ زراعت کاتي جا ملازم پڪا نه ٿيا، پگهارون به بند

ميرپورخاص: زراعت کاتي جي واٽر مئنجمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ لوئر اسٽاف جي ملازمن کي 5 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن الهداد لغاري، شبير آرائين، وشن داس، مٺو مري ۽ ٻين چيو ته اسان ميرپورخاص ضلعي جا 24 ملازم زراعت کاتي جي واٽر مئنجمينٽ ۾ لوئر اسٽاف طور گذريل 15 سالن کان ڊيوٽيون ڪري رهيا آهيون، 5 مهينن کان اسان پگهارون نه ملڻ سبب اذيتن واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون، گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي. ڊي جي پاران پگهارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، جنهن ڪري مجبور ٿي روڊن تي نڪتا آهيون. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير ۽ زراعت واري صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسان کي پڪو ڪري رهيل 5 مهينن جون پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button