پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو عملي خلاف مظاهرو

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان ڪاڇيلو فيڊر جي ڳوٺ راڻو رمداڻ، چاند ماري، پٺاڻ ڪالوني، ٻڍاڪوٽ، دبڙچي، بخش علي لغاري، فيڊر شاخ، بشيرآباد، ڳوٺ چوڌري ارشاد سميت لڳ ڀڳ 70 ڳوٺن جي رهواسين سياسي سماجي ۽ آبادگار اڳواڻ نصيراحمد رمداڻ،چوڌري حاجي نصير احمد گل، اصغر نمبردار، زاهد حسين رمداڻ، نظير احمد رمداڻ، حميد مغل، وارث علي رياڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيسڪو عملي خلاف پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته گذريل پنج ڏينهن کان ڪاڇيلو فيڊر جي لڳ ڀڳ 70 ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي وئي آهي، جنهن سبب هزارين ماڻھو عذاب ۾ آهن، گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي به ختم ٿي ويو آهي، اسان بار بار واپڊا آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير ٻڌڻ لا تيار ناهي. ڪاڇيلو فيڊر تي وڏن ڳوٺن کي زيرو پوائنٽ ڪري بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن سان بجلي چوري جو ڪو جواز ئي پيدا نٿو ٿئي، ان باوجود ڳوٺن جي حيسڪو عملي بجلي ڪاٽي ظلم ڪيو آهي. هنن چتا ڏنو ته جيڪڏهن ڳوٺن جي بجلي بحال نه ڪئي وئي ته سومر ڏينهن ايڪسيئن ۽ ايس ڊي او واپڊا آفيس جو گهيرا ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button