اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ٿر ۾ بنيادي حق نه ملڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد:سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي شهرين کي بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي. ٿرپارڪر ڊسٽرڪت بار جي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين عهديدارن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي. ٿرپاڪر ۾ بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي، گئس جون سهولتون ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي. بنيادي حقن کان محروم ڪرڻ جي ذميوارن جي تعين لاءِ جڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٿر ۾ ڪارونجهر کي ڪٽڻ کي روڪي ڪارونجهر جبل کي عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي. ٿرپارڪر ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي، ليبر ڪورٽ قائم ڪئي وڃي. تاريخي ماڳن جي تحفظ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته حڪومت کي شهرين جي زمين جو سروي، پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت جي سهولت ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتون نه ملڻ جي انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button