اسلام آبادپاڪستان

ڀارت سان امن جي خواهش ۽ ڪشمير تڪرار جو حل مرڪزي نقطو رهندو:قومي سلامتي پاليسي جاري

اسلام آبا:)وفاقي حڪومت پاران ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي سلامتي پاليسي جاري ڪئي وئي آهي. ڀارت سان امن جي خواهش ۽ ڪشمير مسئلي جو حل لاڳاپن جو مرڪزي نقطو رهندو. قومي سلامتي پاليسي ۾ سي پيڪ بابت منصوبن ۾ ٻين ملڪن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي آهي. پاليسي ۾ بچاءَ، گهرو، پرڏيهي ۽ معيشت جهڙن شعبن تي ٻڌل تصور ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاليسي موجب ڪشمير بدستور پاڪستان جي قومي سلامتي جو اهم مفاد رهندو، ڀارت سان امن جي خواهش ۽ ڪشمير مسئلي جو حل لاڳاپن جو مرڪزي نقطو رهندو. پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ هندوتوا سياست شديد ڳڻتي جوڳي ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي تي اثر انداز آهي. جڏهن ته ايران سان انٽيليجنس مٽا سٽا ۽ سرحدي علائقن جي پيٽرولنگ سان لاڳاپا بهتر ٿيندا. آمريڪا جي حوالي سان پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا سان پاڪستان جي سيڙپڪاري، توانائي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ سهڪار جي خواهش آهي. پاڪستان آمريڪا سان سيڪيورٽي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ سهڪار جي خواهش رکندو. پاليسي موجب افغانستان، ايشيائي رياستن سان معاشي رابطن جو دروازو آهي ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن جو حامي آهي. قومي سلامتي پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته مذهب ۽ لسانيت جي بنياد تي انتهاپسندي معاشري لاءِ وڏو چئلينج آهي. قومي سلامتي پاليسي ۾ دهشتگردي قومي سلامتي ۽ هم آهنگي جي رستي ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏني وئي. جڏهن ته پاليسي ۾ معاشي تحفظ جي ذريعي روايتي ۽ انساني سيڪيورٽي کي ڳنڍيو ويو آهي. پالسي موجب قومي آمدني وارا ذريعا وڌائي روايتي ۽ انساني سيڪيورٽي تي ورهاست ڪرڻ وارو نظريو حاصل ڪيو ويندو. جنگ مڙهي وئي ته بچاءَ لاءِ قومي طاقت سان سمورن عنصرن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پاڪستان جي جغرافيائي سرحدن جو هر قيمت ۽ هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو. قومي سلامتي پاليسي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪي دفاع لاءِ گهٽ ۾ گهٽ جوهري صلاحيت کي هڪ حد تائين برقرار رکيو ويندو. جڏهن ته سرحدي مسئلن خاص طور تي ايل او سي تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ اولهه سرحد تي ڪنڊيدار تار تي ڌيان ڏنو ويندو. پاليسي موجب جعلي اطلاع ۽ اثر انداز ٿيڻ جي لاءِ پرڏيهي آپريشنز جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button