پاڪستانپنجاب

مري ۾ برف هٽائيندڙ 20 گاڏيون هڪ ئي هنڌ بيٺل،عملو ڊيوٽي تان گم

مري: مري سانحي جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ته برف هٽائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ 29 مان 20 گاڏيون هڪ ئي هنڌ تي بيٺل هيون. ذريعن موجب برف هٽائيندڙ 29 گاڏين مان 20 هڪ ئي جاءِ تي بيٺل هيون، گاڏين کي هلائڻ لاءِ مقرر ڊرائيور، عملو به ڊيوٽي تي موجود نه هو. جاچ ڪميٽي مري ۾ آپريشنل عملي جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن ۽ ان حوالي سان ٻيلي کاتي جا اهلڪار ڪميٽي کي تسلي جوڳو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا. جاچ موجب ضلعي انتظاميا مري جي داخلي رستن ۽ روڊن کان تقريبن 50 هزار گاڏيون واپس موڪليون. ٻئي پاسي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مري سانحي ۾ حڪومتي ادارن جي غفلت تي جاچ جي درخواست تي شنوائي ٿي. سياحت بابت سيڪريٽري ۽ ڊي جي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. راولپنڊي جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، چيف ٽريفڪ آفيسر ۽ ريجنل پوليس آفيسرن کي به پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. مري جي هوٽل مالڪن جي تنظيم کي به 19 جنوري جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button